خليفو غلام قادر

خليفو غلام قادر: خليفي غلام قادر ولد خليفي عبدالرسول 12 ڊسمبر 1929ع تي جاتي شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم جاتي شهر ۾، مئٽرڪ نووديالا هاءِ اسڪول حيدرآباد مان، انٽر آرٽس ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان ۽ بي. اي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين، بعد ۾ ايل. ايل. بي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪري سياست ۾ داخل ٿيو، 1945ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي ۽ پوءِ ضلعي لوڪل بورڊ ٺٽي جو ميمبر بڻيو. 1962ع ۾ يونين ڪائونسل جاتيءَ جو چيئرمئن منتخب ٿيو، ساڳئي وقت ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو. 1945ع ۾ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيءَ جو ميمبر مقرر ٿيو. هڪ عرصي لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. 1962ع کان 1970ع تائين جرڳن تي ميمبر ٿي رهيو. 1972ع ۾ کيس اعزازي جسٽس آف پيس مقرر ڪيو ويو، هن کي سماجي خدمتن جي عيوض انعام ۽ اوارڊ به مليا. ڪجهه وقت وڪالت جي پريڪٽس به ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.12.12  عيسوي

خليفي غلام قادر ولد خليفي عبدالرسول 12 ڊسمبر 1929ع تي جاتي شهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي
چوڌري شجاعت حسين
ثمينه پيرزاده
امام علي مرزا ڊاڪٽر
رستم ڪي سڌوا
ڀڳت پرتاب
عبدالواحد هاليپوٽو
لالسنگهه اجواڻي
ڄام مهڙ نوتيار
حاجي فقير محمد سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون